ٽنڊوالھيار (رپورٽر) رات دير سان شھر جي الخدمت اسپتال لڳ غني پارڪ ۾ لڳل جھولي ۾ وار ڦاسڻ سبب شھر جي مڪراني پاڙي جي رهواسي 12 ورهين جي ڪائنات ڌيءَ غلام قادر بلوچ سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.