ٽنڊوالهيار (ن پ ا) ٽنڊي الهيار ۽ ڀرپاسي ۾ گئس جي بدترين هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ پريشر ۾ گهٽتائي سبب گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين سخت پريشاني جو شڪار آهن، ماڻهو ڪاٺين ۽ ڪوئلي تي کاڌو تيار ڪرڻ تي مجبور آهن، ايل پي جي گيس سميت ڪاٺ جي طلب بہ وڌي وئي آهي جنهن سان گڏوگڏ انهن جا اگھ بہ وڌي ويا آهن. ٽنڊوالهيار ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني انتظاميا جي  غفلت ۽ مسلسل لاپرواهي سبب سوئي گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ کانپوءِ گئس پريشر جي کوٽ سبب نہ رڳو گهرن جي زندگي پر ڪاروباري زندگي پڻ متاثر ٿي رهي آهي، ماڻهو ڪاٺ ۽ ڪوئلي تي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، گيس جي لوڊشيڊنگ سبب ڪاٺ جي گهرج ۾ بہ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري آرا مشينن ۽ ڪوئلي جي واپارين جي بہ چاندي ٿي وئي آهي ۽ هو ٽنڊوالهيار جي شهرين کان من پسند اگھ وصول ڪري رهيا آهن، شهرين ۽ سماجي ٽنڊوالهيار ۾ سوئي گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي ۽ مصنوعي بندش تي چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، پيٽروليم ۽ معدني وسيلن واري صوبائي وزير سميت سوئي سدرن گيس ڪمپني جي اعليٰ اختيارين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي شهرين کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. پرزور مطالبو آهي تہ مسئلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي.