ٽنڊوميرعلي (ن پ ا) ٽنڊو ميرعلي واسي 50 سال جو غلام فريد ۽ پيروھيل اسي 40 ورھين جو عباس گھانگرو ڪاري ڪامڻ وگھي فوت ٿي ويا، جنازي نماز ٽنڊوميرعلي ۽ ڳوٺ پيروھيل ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن بعد کين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڳوٺاڻن چيو ته ڪاري ڪامڻ ڪيترائي گھر اجاڙي ڇڏيا آھن، پر صحت کاتي ڪي به اپاءَ ناھن ورتا.