گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ گهرام کهڙو ۾ 5 سال جي علينا ولد غلام سرور کهڙو راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب هميرجي شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. وارثن صحافين کي ٻڌايو ته گرمي سبب مال هميرجي شاخ ۾ ويهارڻ لاءِ ڪاهي آياسين ته ٻارڙي مال جي پويان هميرجي شاخ تي پهتي راند کيڏندي اچانڪ پير ترڪڻ سبب هميرجي شاخ ۾ ڪري پئي، ڪافي ڳولها بعد خبر پئي ته نينگري هيمرجي شاخ ۾ ٻڏي وئي آهي، ڳولها بعد نينگري کي کڻي اسپتال پهتاسين ته ڊاڪٽرن نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا.