ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو ) ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ رمضان جو مهينو شروع ٿيندي ئي روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شيون ٽيڻ تي منافعي خور واپارين پاران مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيون پيون وڃن، جنهن جي روڪٿام لاءِ ضلعي انتظاميا ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن انتظاميا شهر جي مارڪيٽن مان غائب آهي، جنهن ڪري منافعي خور واپاري شهر واسين کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ ۾ مصروف آهن ، شهر ۾ وڏو گوشت 500 رپيا، ٻاڪرو گوشت 1200، مڇي 420، کير 120، ڏهي 140، بائيلر مرغي گوشت 440، برف 2 مڻ جي نادي 300، ٽماٽا 40، پٽاٽا 40، بصر 20 30، مرچ ساوا 50، ميها 100 ، توري 140، ڪريلا 110، ڀينڊي 100، گوبي 50، گوار 90، گولڊن صوف 180، نارنگي 90، گدرو 30، چڪو 170، دال ماش 250 في ڪلو وڪامجي رهي آهن، جنهن سبب غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، ان حوالي سان شهرين عارف قريشي، ذوالفقار علي سمون، غلام زاهد، محمد عثمان، اڪرام علي ۽ ٻِين دانيهندي چيو ته منافعي خور واپارين هٿرادو مهانگائي ڪري ڇڏي آهي پر شڪايتن باوجود انتظاميا منافعي خورن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، جنهن سبب سخت پريشان آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.