ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ: نظام الدين چانڊيو) ٽنڊو غلام حيدر لڳ مبينا جوا جي اڏي تي پوليس ڇاپو، مزاحمت تي جهيڙو، 3 پوليس اهلڪار زخمي، ڳوٺاڻن پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو. خبر موجب گذريل ڏينهن متارو هوٽل پوليس چوڪيءَ جي اهلڪارن ڳوٺ جمال الدين لاشاريءَ ۾ مبينا جوا جي اڏي تي ڇاپو هنيو ته جهيڙو ٿي پيو. نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار مرتضيٰ لغاري، عباس رند ۽ عبدالجبار زخمي ٿي پيا. بعد ۾ ڳوٺاڻن هڪ اهلڪار عبدالجبار جوڻيجو کي يرغمال بڻائي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو. اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي يرغمال بڻايل اهلڪار کي آزاد ڪرايو. اکين ڏٺن شاهدن مطابق ڇاپو هڻندڙ پوليس پارٽيءَ ۾ اڪثر پوليس اهلڪار سول ورديءَ ۾ هئا. ڇاپي وقت عورتون گهرن مان ٻاهر نڪري آيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل پوليس پارٽي اهڙي ڪارروائي لاڳاپيل آفيسرن کي اطلاع ڏيڻ بنا عمل ۾ آندي. ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪارن بنا جواز گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن سان بدڪلامي ڪئي. هنن جو چوڻ هو ته پوليس جوا بهاني روز روز گهرن ۾ گهڙڻ معمول بڻائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته هنن جوا جي اڏي تي ڇاپو هنيو ته جوارين کين مارڪٽ بعد يرغمال بڻائي ورتو. واقعي جي ڪجهه ڪلاڪن بعد اڳوڻي يوسي ناظم حاجي عبدالڪريم لاشاري ۽ ڊي ايس پي ٽنڊو غلام حيدر انور شاهه ڌرين ۾ ڳالهيون ڪري معاملو لئي مٽي ڪري ڇڏيو.