ٽنڊوجان محمد (ن پ ا ) ٽنڊو جان محمد مدرسي جي کٿابي تي تشدد جي ميڊيڪل رپورٽ پڌري، ٻار کي 29 ڌڪ لڳڻ جي تصديق، مولوي ضمانت ڪرائي ورتي، خبر موجب شهر جي گلڻ ڪالوني ۾ قائم مدرسه انوارالھدي ۾ پڙھندڙ 10سالن جي يتيم نينگر کي 2 ھفتا موڪلون ڪرڻ تي مولوي نذير حيدري وحشياڻو تشدد ڪري ٽن ھفتن تائين قيد ۾ رکيو هو، اهڙي واقعي جي نينگر جي ناني خان محمد خاصخيلي طرفان مولوي نذير حيدري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي، نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽر خرم نواب پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته معصوم نينگر جي جسم تي 29 ڌڪن جا نشان موجود آھن، جيڪي ٻه کان ٽي ھفتا اڳ جا آهن، ٻئي طرف پوليس ڪيس داخل هجڻ باوجود مولوي کي گرفتار ناهي ڪيو، جڏهن ته مولوي سيشن ڪورٽ مان 2 نومبر تائين عارضي ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي.