ٽنڊو الهيار:بابر خانزاده قتل ڪيس ۾ 12 پوليس اهلڪار گرفتار

0
512

ٽنڊوالهيار (ن پ ا) ٽنڊو الهيار ۾ لاڪ اپ مان نوجوان جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ اچڻ واري واقعي ۾ آپگهات وارين دعوائن جا پول پڌرا، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نوجوان بابر خانزادا جي جسم تي تشدد جي تصديق، پوليس جي آپگهات واري دعويٰ رد، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسپتال منتقل ٿيڻ کان 5 ڪلاڪ اڳ نوجوان جو موت ٿي چڪو هو، هڪ سب انسپيڪٽر ۽ ٻن اي ايس آئيز سوڌو 12 پوليس اهلڪار گرفتار، جاچ ڪميٽي به واقعي ۾ پوليس جي سنگين غفلت جي تصديق ڪري ڇڏي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طرفان ٽنڊو الهيار پهچي نوجوان جي وارثن سان ملاقات، تعزيت بعد واقعي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي، ذريعن موجب جاچ ڪميٽي نوجوان بابر خانزاده خلاف مين پُڙي هٿ اچڻ وارو ڪيس به ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو.