مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ۾ مين اسٽاپ مسجد چوڪ تي واٽهڙو معذور جلال ميربحر کي تيز رفتار موٽر سائيڪل ٽڪر هڻي سخت زخمي ڪري وڌو، جنهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس سول اسپتال جيڪب آباد نيو ويو، پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.