طلاق جي وقت گهڻو ڳالهايو، هاڻي افسوس ٿئي ٿو: شائسته لوڌي

0
448

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي نالي واري اداڪاره ۽ ميزبان شائسته لوڌي پنهنجي پهرين مڙس وقار سان طلاق جي حوالي سان چيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن حالتون اهڙيون ٿي وينديون آهن جو ڌار ٿيڻ ئي بهتر هوندو آهي، هڪ نجي ٽي وي شو ۾ هن پهرين مڙس کان ڌار ۽ ان جي وفات بابت ڳالهائيندي هن چيو آهي ته وقار کان طلاق کي هڪ مختلف انداز سان ڏسندي آهيان، اسان جي 12 سالا شادي واري زندگي اسان کي خوبصورت ٻارڙا ڏنا آهن، هن وڌيڪ چيو آهي ته مان نٿي چوان ته طلاق جي مامري ۾ هڪ شخص خراب ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙي صورتحال ٿي ويندي آهي جو شيون سٺيون ناهن لڳنديون ۽ راهون الڳ ڪرڻيون پونديون آهن، اسان جي مامري ۾ به ائين ئي ٿيو آهي، هن چيو آهي ته طلاق جي وقت مان گهڻو ڪجهه ڳالهايو جيڪو غلط هو، مامرا ٺيڪ ٿي وڃن ها، مون کي خاموش رهڻ گهرجي ها، هاڻي مون کي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، هن چيو آهي ته وقار کان طلاق بعد اسان ٻنهي ڄڻن وري شاديون ڪيون، بعد ۾ وقار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ حياتي وڃائي ويٺو، هن چيو آهي ته منهنجي اڳوڻي سس سان هاڻي به سٺا لاڳاپا آهن ۽ منهنجا ٻارڙا پنهنجي ڏاڏيءَ سان سٺو وقت گذاريندا آهن ۽ منهنجون ٽي مائرون آهن.