ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ ڊي پي ايل درس پريميئر ليگ سيزن 7 شهر جي فيصل ٽائون ۾ 19 جنوري کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٽنڊوالهيار ضلعي جون 8 ٽيمون حصو وٺنديون. ان سلسلي ۾ ٽورنامنٽ جي آرگنائيزر فيصل امين درس . پير يوسف قريشي . خالد قائمخاني طرفان ٽورنامنٽ جي اٺن ٽيمن سان گڏجاڻي ڪري سمورين ٽيمن کي شرٽون ڏئي ٽورنامنٽ جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي ان موقعي تي ٽورنامنٽ جي آرگنائيزر فيصل امين درس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽورنامنٽ ڪرائڻ جو مقصد نوجوان نسل کي هٿي وٺرائڻ آهي. ان موقعي تي غفار بلوچ . عرفان آرائين . اشفاق هاليپوٽو سميت سموري ٽيمن جي رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.