حڪومت نواز شريف کي نقصان نٿي پهچائي سگهي، بابا جي واپسي بابت پارٽي طئه ڪندي: مريم نواز

0
266
سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو، جهاز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت نواز شريف نقصان نٿي پهچائي سگهي، نواز شريف جي واپسي بابت نواز ليگ طئه ڪندي، ڊيلز جي ڳالهين وارا حربا بهتر نموني سمجهون ٿا

نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدرمريم نواز ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته حڪومتي وزير ۽ مشير ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، نواز ليگ باهه جو درياهه اُڪاري آئي آهي، پهريون ڀيرو آزمائشن باوجود پارٽي نه ٽُٽي آهي

مريم نواز وڌيڪ چيو تھ حالتون ڏسي لڳي ٿو ته حڪومت ڪجهه هفتن لاءِ رهجي وئي آهي، سندن انجام تمام ويجهو آهي، حڪمرانن مان جيترو جلدي چوٽڪارو ملي ته اُهو ملڪ لاءِ بهتر آهي، عوام تي مصيبت ايندي آهي ته عوام کي ئي ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي، مري ۾ حڪومتي غفلت ۽ بيحسي سبب ڪيترائي خاندان اُجڙي ويا

ھي به پڙھندا

عمران خان عوام جي جان ڇڏي ڏيو  ۽ جيڪا ٿوري عزت بچي آهي سا بچائي ھليا وڃو: مريم نواز