ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ويجهو ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت، سندس 2 ڀائر زخمي، ڊرائيور گرفتار. رپورٽ موجب قيصر گهوٽ بس اسٽاپ لڳ تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ مير محمد هنڱورو واسي 25 ورهين جو ڪمال خان گورچاڻي ٿڏي تي  فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس 2 ڀائر اقبال ۽ گلشير سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقه اسپتال ٽنڊو آدم مان طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، پوليس ٽرالر ڊرائيور علي رضا ڪلوڙ کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.