مٺي (رپورٽر) ٿر ۾ قائم ٿيل آر او پلانٽن جا  ملازم 6 مهينن کان پگهارن کان محروم آهن، ان حوالي سان مٺي ۾ آر او پلانٽ ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ملازمن عرفان علي بجير، محمد جميل، مقبول، مجيد فقير، دودو سومرو، موهن، رميش ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان کي 6 مهينن کان رهيل پگهارون اوسلو ڪمپني نه ٿي ڏئي، هنن الزام هنيو ته اڳ ۾ به 6 مهينن جون پگهارون پاڪ اوسيئس ڪمپني وارا هڙپ ڪري ويا، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، اسين دربدر ٿي ويا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پگهارون جاري ڪيون وڃن.