اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي ۽ تجزيانگار رئوف ڪلاسرا چيو آهي ته عمران خان کي آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڏو پروٽوڪول روزويلٽ هوٽل جي خريداري ۽ افغان جنگ جي ڪري ڏنو. عمران خان جلسي کي خطاب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ مون کي سڀ کان وڏو پروٽوڪول ڏنو. ان جي جواب ۾ رئوف ڪلاسرا ٽوئيٽ ڪئي ته اهڙن دورن ۾ لنچ يا وڏو پروٽوڪول مفت ۾ نه هوندو آهي، ايوب خان کي آمريڪا جي دوري ۾ پروٽوڪول ڏنو ويو هو ته جيئن پشاور/چٽاگانگ ۾ جاسوسي اڏا گهربل هئا. ٽرمپ پروٽوڪول ڏنو ته ان جو هڪ سبب افغانستان ته ٻيو سبب بزنس مين صدر جي ناٺي جي اک پي آءِ اي جي روزويلٽ هوٽل تي هئي. ويچاري ذلفي بخاري ڪوشش به تمام گهڻي ڪئي هئي. ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي ٽن سالن ۾ پنجاب، خاص طور تي ڊيره غازي خان، ملتان ۽ ٻين علائقن ۾ ڪا تبديلي نه آئي، سندس ڳوٺ ۾ به ماڻهو غريب آهن پر سندس ڊي جي خان، ملتان ۽ لاهور ۾ گهر ٺهي ويا آهن. هو راتو رات امير ٿي ويو آهي.