ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جو سڏ: ايڪتا ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ تياريون زور تي، تقريبون ۽ پروگرام

0
299
ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جو سڏ

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جَي سڏ تي 5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ تياريون زور وٺي ويون، مٺي جي اسڪول ۾ ايڪتا جاڳرتا تقريب ۾ قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪري ڀرپورر داد ماڻيو

 ڪُنري ۽ شهدادپور جي اسڪولن ۾ به جاڳرتا تقريبن دوران سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ملير جي ماڊل اسڪول ۾ جاڳرتا تقريب دوران خوبصورت ثقافتي رنگ جرڪي پيا

 ثقافتي لباس پهريل شاگردن ٽيبلوز ۽ گيتن تي رقص سان سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي، سنڌڙي ۽ قمبر جي اسڪولن ۾ به ايڪتا جون تياريون عروج تي پهچي ويون، جاڳرتا تقريبن ۾ ايڪتا جي زنجير به ٺاهي وئي

حيدرآباد، ٺاروشاھ، گھوٽڪي ۽ گمبٽ ۾ راڳ رنگ جون محفلون ٿيون، نالي وارن فنڪارن فن جو مظاھرو ڪيو، تقريبن ۾ ويٺل ماڻھو جھومي پيا

 نئون ڪوٽ جي اسڪول ۾ تقريب دوران ايڪتا جي رنگن جي بهار اچي وئي، فيض گنج جي گرلز هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ ايڪتا جا رنگ نِکري پيا، ٽيبلوز ۽ گيتن سان سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

 مٽياري جي اسڪولن ۾ جاڳرتا تقريبن دوران ٻارڙا ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويا، پنو عاقل پريس ڪلب تي جاڳرتا تقريب ۾ سُريلن گيتن تي رقص، سنڌ واسين طرفان سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ واري عزم جو  اظهار ڪيو ويو آھي