ٽائيم نيوز پيرسن عورت کي وارثن سان ملائي ڇڏيو

0
161
ٽائيم نيوز پيرسن عورت کي وارثن سان ملائي ڇڏيو
ٽائيم نيوز پيرسن عورت کي وارثن سان ملائي ڇڏيو

ٺارو شاهه(ن پ ا) ٺارو شاهه ڀرسان درٻيلومائينر ۾ لُڙهندي هٿ آيل پيرسن عورت جي ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد وارثي ٿي وئي.

ڳوٺ قادر بخش ساند مان هٿ آيل عورت پٺاڻي ساند جو ڀاءُ پهتو، جتي سڃاڻپ بعد پيرسن عورت کي ڀاءُ حوالي ڪيو ويو.

عورت جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته ڀيڻ پٺاڻي مائٽن سان گڏ درٻيلو گهمڻ وئي هئي، جتي پير ترڪڻ سبب درٻيلو مائينر ۾ ڪري پئي، ڳوٺاڻن کيس لُڙهندي ڏسي بچائي ورتو، عورت جي صحيح سلامتي واپسي تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.