مسجد حرام ۾ هڪ لک ماڻهن کي نماز جي اجازت، اڱڻ به کولڻ جو اعلان

0
427

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي حج وزارت عمري جي زائرين جو انگ روزانو 60 هزار کان وڌائي هڪ لک ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت هاڻ ڪورونا وبا کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪعبت الله جي ٻاهرين اڱڻ ۾ به نماز ادا ڪئي ويندي. عرب ميڊيا موجب ڪورونا وبا جي صورتحال بهتر ٿيڻ تي سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت زائرين جو انگ 1 لک ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ويڪسين جو ڪورس مڪمل ڪرائيندڙ 70 ورهين کان وڌيڪ عمر جي زائرين کي به عمري جي اجازت ڏني وئي آهي، اهڙيءَ طرح 17 ۽ 18 ورهين جا مقامي نوجوان به ويڪسين لڳرائڻ کان پوءِ عمرو ڪري سگھندا.

سعودي عرب جي حج واري وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته حفاظتي ايس او پيز کي يقيني بڻايو ويندو ۽ رڳو ويڪسين ٿيل ماڻهن کي ئي مسجد الحرام ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. زائرين ۽ نمازين جي انگ ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي مطالب جي اڱڻ ۾ 25 نوان ٽريڪ قائم ڪيا ويا آهن جيڪي عبادت ڪندڙن وچ ۾ سماجي وٿي کي برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

سعودي عرب حج جي خواهشمندن کي هدايت ڪئي آهي ته عمري ۽ نماز جي اجازت لاءِ ”توڪلنا ايپ“ تان وقت وٺي سگھن ٿا ۽ رڳو اجازت نامو رکندڙ ماڻهو ئي ڪعبي ۾ نماز ادا ڪري سگھندا.