عورتن جي زيادتي، قتل، اغوا ۽ ڌاڙن جو ڊراپ سين، قاتل اڳوڻو فوجي نڪتو

0
257

ڪراچي(م ڊ) فرانس ۾ ڪيترن ئي عورتن کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ سوڌو اغوا ۽ ڌاڙن جي وارداتن جو ان وقت ڊراپ سين ٿيو جڏهن هي انڪشاف ٿيو ته هن وارداتن جي پٺيان اڳوڻو فوجي آفيسر ملوث آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب سنگين نوعيت جون وارداتون 1986 کان 1994 جي دوران ڪيون ويون هيون، 11 کان 38 سالن جي عورتن سوڌو ڪيترن ئي ماڻهن سان زيادتي ۽ انهن قتل ڪيو ويو، هن کان علاوه ان دوران ڌاڙن جا به واقعا رپورٽ ٿيا.

پوليس جي 35 سالن کان جاري ڳولا جو ڊراپ سين اڳوڻي فوجي پوليس اهلڪار جي آپگهات تي ٿيو.

فرانسو آويوو پهرين فرانس جي فوجي پوليس ۽ پوءِ عام پوليس جو حصو هو ۽ رٽائر ٿي چڪو هو.

فرانسيسي ادارن وارداتن جي دور ۾ ڊيوٽي تي موجود 750 اهلڪارن کي جاچ ۾ شامل ڪيو هو، ان وقت 59 سالن جو اڳوڻي پوليس اهلڪار فرانسو آويوو فرانس جي ڏکڻ علائقي ۾ رهندو هو پر پوليس جو نوٽيس ملڻ تي لاپتا ٿي ويوو ۽ جاچ دوران هن جو لاش مليو.

رپورٽ موجب آپگهات ڪندڙ اهلڪار جي لاش وٽان هڪ پرچي ملي جنهن ۾ وارداتن جو اعتراف ڪيو ويو ۽ هي به لکيل هو ته 1997 کان مان پاڻ تي قابو آڻي ورتو هو جنهن بعد ڪا به واردات ناهي ڪئي.