ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ برساتن سبب هڪ هزار 82 سرڪاري اسپتالون متاثر، 165 اسپتالون مڪمل طور ڊهي پيون، 917 اسپتالون متاثر ٿيڻ جو انڪشاف، برساتن ۽ سيلابي صورتحال بعد صحت کاتي پاران سرڪاري اسپتالن جي سروي مڪمل، رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير ۽ وفاقي حڪومت حوالي ڪري ڇڏي، بحالي لاءِ  سنڌ حڪومت کي به سفارش ڪئي وئي. مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ برساتن ۾ سرڪاري اسپتالن کي به وڏو نقصان پهتو آهي. ان حوالي سان صحت کاتي جي سروي مڪمل ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي ڇهن ئي ڊويزنن ۾ 165 سرڪاري اسپتالون مڪمل تباھ ٿي ويون آهن جڏهن ته 917 اسپتالون جزوي متاثر ٿيون آهن. رپورٽ موجب ڪراچي ڊويزن ۾ 4 اسپتالون جزوي ۽ 2 مڪمل تباهه ٿيون آهن، حيدرآباد ڊويزن ۾ 252 جزوي ۽ 47 اسپتالون مڪمل، ميرپوورخاص ڊويزن جون 215 سرڪاري اسپتالون جزوي ۽ 44 مڪمل، شهيدبينظيرآباد ڊويزن ۾ 157 عمارتون جزوي ۽ 39 اسپتالون مڪمل طور تي متاثر ٿيون آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 183 جزوي ۽ 11 اسپتالون مڪمل ۽ سکر ڊويزن ۾ 106 سرڪاري اسپتالون جزوي ۽ 22 مڪمل تباهه ٿيون آهن. رپورٽ موجب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ مجموعي طور تي هڪ هزار 82 اسپتالون متاثر ٿيون آهن جن مان 917 اسپتالن کي جزوي ۽ 165 اسپتالن کي مڪمل نقصانن پهتو آهي. صحت کاتي جي اختيارين پاران اهڙي سروي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل فورم تي جمع ڪرائي  وئي آهي. صحت کاتي جي اختيارين پاران برساتن ۽ سيلابي صورتحال بعد متاثر ٿيل سرڪاري اسپتالن جي جلد کان جلد بحالي جي به سفارش ڪئي وئي آهي.