ڀان سيدآباد: زيرو پوائنٽ وٽ لڳل گهارا بند ڪرڻ جو ڪم جاري، ڀان کان ڪاڇي ۽ ڇني ويندڙ روڊ مھيني کان ٻڏل

0
232

ڀان سيد آباد (رپورٽر) ڀان سيدآباد جي زيرو پوائنٽ وٽ لڳل گهارا بند ڪرڻ جو ڪم جاري آھي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي تھ  منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ وٽ لڳل گهارا بند ڪرڻ جو ڪم جاري آھي

آبپاشي کاتي جو چوڻ آھي تھ آر ڊي 10 ۽ 4 وٽان لڳل ٻن گهارن کي بند ڪرڻ لاءِ لڪڙا، مٽي ۽ پٿر وجهي  گهارا بند ڪيا پيا وڃن

ٻئي پاسي آبادگار اڳواڻ منظور جمالي موجب  15 آڪٽوبر تائين گهارا بند نه ٿيا ته  علائقي ۾ ڪڻڪ جي فصل جي پوکي  متاثر ٿيندي

ڀان سيدآباد کان ڪاڇي ۽ ڇني ويندڙ روڊ به هڪ مهيني کان ٻڏل آھي، ماڻهو اچ وڃ  ۾ تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن

ڀان سيدآباد کان جوهي ويندڙ روڊ  به ڳوٺ چڪ وٽان لڳل گهاري  سبب بند پيل آھي، علائقي واسين پاران جلد گھارا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

پاڪستان ۾ وري نئين شامت: 72 لک ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو

سپريم ڪورٽ سول جج جي سربراهي ۾ بڻايل ڪميٽين کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي ڪم ۾ مداخلت کان روڪي ڇڏيو