ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي پوليس پاران 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري وٽانئن 252 ڪلو گٽڪي جي سامان سان گڏ 3800 پڙيون مائو، گٽڪو ، 10 ليٽر ، 40 ٿيلهيون ڪچي شراب سان گڏ هڪ  پسٽل ۽ چار ڪارتوس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي . ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايس پي عديل چانڊيو جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻائيندي چيو آهي ته گھوڙاٻاري ٿاڻي جي پوليس ڳجھي اطلاع ملڻ تي پير پٺو گھوڙاٻاري روڊ تي ڪاروائي ڪندي هڪ ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ٻن گٽڪي جي سامان سپلائي ڪندڙ جوابدارن محمد حسن بروهي ۽ رياض بروهي کي گرفتار ڪري 252 ڪلو گٽڪي جو سامان 3500 پڙيون گٽڪا ۽ نائو هٿ ڪري ٻنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڌاٻيجي ٿاڻي جي پوليس پڻ گٽڪي ، مائي ۽ ڪچي شراب خلاف ڪاروائي ڪندي 2 جوابدارن حسين ڪشميري ۽ سلطان علي کي گرفتار ڪري وٽانئن 300 گٽڪي ۽ مائي جي پڙين سان گڏ 40 ٿيلهيون ڪچو شراب هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مڪلي پوليس جي اٽالي پڻ جنگشاهي مڪلي روڊ تي گشت دوران هڪ جوابدار احسان جاکرو کي گرفتار ڪري وٽانئس هڪ پسٽل ۽ 4 ڪارتوس هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏي آهي ٻئي پاسي ٺٽو ٿاڻي جي پوليس پڻ شهر ۾ ڪاروائي ڪري هڪ منشيات فروش رمضان ملاح کي گرفتار ڪري وٽانئس 10 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي .