خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت 2 اي ايس آءِ سميت 4 ڄڻن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم، ان ڏس ۾  فورٿ  ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگي جي عدالت شاهه لطيف ٿاڻي جي هڪ ڌاڙي جي ڪيس ۾ مسلسل غير حاضر رهڻ تي ڪيس جي مشيرن اي ايس آءِ اشرف ڦلپوٽو، اي ايس آءِ اختر خاصخيلي، سپاهي محمد اشرف شر ۽ ڳوٺ خانڻ ٻرڙو جي رهواسي محمد اقبال ٻرڙو جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي. جڏهن ته فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حدن مان عورت جي اغوا ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ اوڍا جي رهواسي صدام ولد جانب اوڍو خلاف قلم 87/88 جي ڪارروائي ڪندي کيس اشتهاري قرار ڏئي ملڪيت ضبط ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.