لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) خيرپور ميرس جي ڳوٺ وسايو ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جوابدارن پيرسن بيواهه ڀيڻ لال خاتون ملاح سندس ٻن ڌيئرن زرينه، مختيار خاتون، پٽن عارب ۽ منظور  ملاح کي ڏنڊا هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو،  جن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال پهچايو، زخمي بيواهه لال خاتون ملاح ٻڌايو ته ڀاءُ نواح ملاح زمين جو کاتو پنهنجي نالي ڪرائڻ چاهي ٿو، هن روينيو کاتو تبديل ڪرڻ لاءِ شناختي ڪارڊ ۽ دستاويزن تي صحيح گهري انڪار تي ٻن ڌيئرن ۽ پٽن کي ڏنڊا ۽ سِروٽا هڻي زخمي ڪيو. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ مڙس فوت ٿيو هو پٽ بيروزگار آهن پيٽ گذر لاءِ ٻيو ڪو ذريعو ناهي، تنهن ڪري ڀاءُ کان ملڪيت مان حصي جي گهر ڪئي ان تي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.