ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پاران واڌو پگھار توڙي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن سميت ٻين مراعتن نه ملڻ خلاف چئن ڏينهن واري جاري هڙتال جاري رهي، جنهن سبب شهر جي 9 ئي وارڊن سميت شهر جي شاهي بازار ٻين مختلف مک چوڪن تي صفائي نه ٿيڻ گندگي جا ڍير گڏ ٿي ويا آهن جڏهن ته شهر جي سموري بازار ۽ ان جي مختلف چوڪن تي گندگي جي ڍيرن جي گڏ ٿيڻ ڪري پڻ شهري ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن کان خريداري لاءِ ايندڙن کي پڻ سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ميونسپل ميونسپل ڪاميٽي جي گيٽ آڏو گذريل 4 ڏينهن کان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري هڙتال تي ويٺل ميونسپل ملازمن عنايت شاھ ، حنيف چنڊ ، فياض مسيع ،. راجو ۽ ٻين چيو آهي ته ميونسپل ڪميٽي ٺٽو کي هر مهيني هڪ ڪروڙ ، 36 لک ، 11 هزار ماهوار رقم ملي ٿي جيڪا ملازمن جي پگھارن لاءِ ئي گھٽ آهي هنن چيو ته سال 2017 کان وٺي هن مهل تائين ميونسپل جا 48 ملازم رٽائرڊ ٿي ويا آهن پر هن مهل تائين رٽائرڊ ملازمن کي پينشن سميت ٻيون مراعتون ناهن ڏنيو ويون جنهنڪري رٽائرڊ بيمار ملازمن جي گھرن ۾ مهنگائي سبب فاقا ڪشي واري صورتحال آهي هنن چيو ته سال 2018 کان پڻ اوزيڊ ٽي موجب ميونسپل ڪميٽي کي شيئر نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي سال 2018 کان واڌي پگھار ۽ رعتون ادا ڪيون ويون آهي جنهنڪري سمورا حاضر سروس واڌي پگھارن جي نه ملڻ ڪري پڻ قهر جي مهنگائي ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو.