ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ضلعي ۾ گٽڪي مائي جي پاڙ پٽڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران گڏجاڻي ڪوٺائي ضلعي اندر هر صورت ۾ گٽڪي مائي جي وڪري تي ضابطو آڻڻ سان گڏ گٽڪي مائي ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل جي شهرن اندر روڪٿام لاءِ لاڳو ڪيل قلم 144 تي سختي سان عمل ڪندي داخلي توڙي خارجي رستن تي سخت چوڪسي جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ ٺٽي جي اي ڊي سي ون منور عباس سومرو جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ آفيسرن ۽ واپارين شرڪت ڪئي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ مخاطب ٿيندي اي ڊي سي ون منور عباس سومرو چيو ته گٽڪي مائي جي روڪٿام لاءِ فوري طور تي وڏو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان سڄي ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪڙي نظر رکي وڃي ته جيئن گٽڪي، مائي ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جي فراهمي کي روڪي سگهجي. هن چيو ته گٽڪو ۽ مائو تيار ڪندڙ فيڪٽرين خلاف به ڀرپور ڪاروائي شروع ڪئي وڃي ته جيئن سماج مان ھن لعنت جو خاتمو يقيني بڻائي سگهجي.