ٺل (ن پ ا) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس وٽ بجلي جي تار لڳائڻ تان قتل ٿي ويل ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد احمد ڀٽي جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،   اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو،ڪامريڊ سرواڻ لاشاري،ڪامريڊ وسيم قريشي،اصغر علي لاشاري،غلام حسين لعل ڪنراڻي، حاجي آندل ٻرڙو،عبدالصمد نوناري،حاجي حسن ڪنراڻي،گل حسن گل ٻرڙو،غلام مصطفيٰ گولو،سعيد احمد ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد احمد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي ٺل پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،  وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ باربار ڌمڪايو پيو وڃي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.