ٺل (ن پ ا) ٺل ڀرسان ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد  ۾ بدفعلي بعد مبينا قتل ڪيل نينگر مظفر سومرو جي خون سان انصاف جي لاءِ نينگر جي وارثن ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، مقتول نينگر جي امڙ پياري خاتون،ڀاءُ مجاهد سومرو، مامي محمد شريف سومرو،جمال جوش ٻرڙو،ڪامريڊ سرواڻ لاشاري،ڪامريڊ وسيم قريشي  ۽ ٻين چيو ته 2 مهينا اڳ   بدفعلي ڪرڻ بعد نينگر مظفر سومرو کي مبينا قتل ڪيو ويو، جنهن بعد ان قتل جي مامري کي لئي مٽي ڪرڻ جي لاءِ خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو آهي،هاڻي ٻن مهينن بعد نينگر سان بدفعلي جي رپورٽ اچڻ بعد تصديق ٿي وئي آهي نينگر کي جوابدارن پاران بدفعلي ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته  رڳو هڪ گرفتار ڪيل جوابدار عطا محمد عرف بابن ڪنراڻي جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا ورتا ويا آهن پر پوليس کي جاچ جو دائرو وسيح ڪرڻ گهرجي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪيس جا شفاف جاچ ڪرائي وڃي.