نوابشاهه/ڄام صاحب (نمائندن وٽان) نوابشاهه ۾ گذريل رات ھٿياربندن هٿان قتل ٿيل رڪشا ڊرائيور نوجوان رضا محمد ڏنگراج جي وارثن مقتول جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي دلبر ڏنگراج، شھزاد ڏنگراج، جبار، ولي محمد ۽ ٻين چيو ته سندن نوجوان ڦٽو رڪشا ھلائي پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو ھو، گذريل رات شر برادري جي ھٿياربندن صديق شر، راڻو شر، حسن شر، حميد شر، دان شر، ضمير شر ۽ ٻين کيس گوليون ھڻي بيگناهه قتل ڪيو آهي، ھنن چيو ته جوابدارن ڏانھن نوجوان جا 2 ھزار روپيا رھيل ھئا، جيڪي گھرڻ تان هنن اڳ ۾ ڌمڪيون ڏنيون هيو، ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪيو، ھنن چيو ته پوليس ڪيس داخل هجڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، بعد ۾ پ پ اڳواڻ علي گل ڌوئنرو مقتول جي وارثن سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، هوڏانهن ڄام صاحب پوليس رڪشا ڊرائيور جي قتل ڪيس ۾ گهربل هڪ جوابدار حميد شر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گهربل ٻئي جوابدار ضمير شر کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، واضح رهي ته مقتول جي ڀاءُ ٻن ڄڻن حميد شر ۽ ضمير شر تي ڪيس داخل ڪرايو هو.