ٺري ميرواھ: والي بال جا رانديگر وڙهي پيا، 19 ڄڻا زخمي

0
484

ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏاتو دستي ۾ دستي برادري جي ٻن ڌرين ۾ والي بال راند تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا لٺيون سروٽا لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا، جن کي ٺري ميرواھ ٿاڻي تان ليٽر وٺڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ اسپتال آندو ويو، جتي ٻنهي ڌرين جي زخمين احمد خان دستي، محمد اڪرم دستي، علي راض دستي، دلبر دستي ۽ ٻئي ڌر جا محمد مٺل دستي، قادر بخش دستي، گھنور دستي، احسان دستي کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي.