ڀارت پاران پاڪستاني ٽيم ۽ صحافين کي ويزا جاري ڪرڻ جي خاطري

0
410

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت هن سال آڪٽوبر ۾ منعقد ٿيندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ هنڌن جي چونڊ ڪري ورتي، بي سي سي آءِ عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا ميچز ممبئي، حيدرآباد، ڪلڪته، نئين دهلي، بنگلور ۽ چئني جي اسٽيڊيمز ۾ ٿيندا، جڏهن ته ٽورنا مينٽ جو فائنل احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، ٻئي طرف ڀارت طرفان پاڪستاني رانديگرن ۽ صحافين کي ويزا جاري ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي، واضح رهي ته هن کان پاڪستان طرفان آءِ سي سي کان مطالبو ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستاني ٽيم، ميڊيا ۽ شوقينن لاءِ ويزا لاءِ آساني پيدا نه ڪندو ۽ لکت ۾ خاطري نه ڪرائي ويندي ته ٽورنامنيٽ گڏيل عرب امارات منتقل ڪيو وڃي.