ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ عبدالحڪيم جانوري واسي 8 ورهين جي نينگر امتياز علي جانوري پنهنجي سئوٽ ڪاشف علي جانوري سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هڻندي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 2 جوابدارن کيس اغوا ڪري ريگستاني علائقي ۾ کڻي ويا، جتي هنن مونسان بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جتان وجھه وٺي فرار ٿيس، نينگر وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ميرواھ پوليس ٻڌايو ته الزام هيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي، ٻنهي ڌرين جا پاڻ ۾ اڳ به جهيڙا ٿيندا رهيا آهن، جاچ ڪري رهيا آهيون.