ٺاروشاهه (رپورٽ: شبير اڄڻ) ٺاروشاهه ۾ شاگردياڻي سان مبينا زيادتي واري معامري جو ڊراپ سين، شاگردياڻي جي زيادتي ۾ ملوث جوابدار سان شادي ڪرائي وئي، نڪاح نامو منظر تي اچي ويو، مولوي گھوٽ جي غير موجودگي ۾ نڪاح پڙھيو، طلاق ڏيڻ تي نوجوان کي 25 لک ۽ پنج تولا سون ۽ ڏاج جا 3 لک ڏنڊ ۾ ڏيڻا پوندا، رخصتي 6 مھينن بعد رکي وئي، ڪيس ختم ڪرڻ تي اتفاق، ڌريون کير کنڊ، خبر موجب شهر جي ڪرنالي پاڙي جي رھواسي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي بسما ميمڻ سان مبينا زيادتي بعد اعتراض جوڳا فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪري جوابدار عمران راجپوت کي گرفتار ڪرڻ واري معاملي جو راڄوڻي طريقي سان سيد احمد شاهه، صغير راجپوت ۽ حاجي عبدالرئوف خانزادي جي سرپئنچي ۾ نبيرو ڪيو ويو، ڌرين ۾ ڳالھين بعد متاثر شاگردياڻي بسما ميمڻ جي سندس زيادتي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار عمران راجپوت سان شادي ڪرائي وئي، ان ڏس ۾ نڪاح جي تقريب ٿي، جنهن ۾ ڪنوار جي پيءُ اظھر ميمڻ، صغير راجپوت، وڪيل امتياز سومرو، سيد نويد شاهه، فريد خانزادي، محفوظ راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي، نڪاح مولوي حافظ شاهه محمد پاران پڙھايو ويو، جنهن ۾ عمران راجپوت شريڪ نه هو، جڏهن ته معاملي کي ميڊيا کان ڳجهو رکيو ويو، نبيري ۾ طئي ڪيو ويو ته ناري جي رخصتي 6 مهينن بعد ڪئي ويندي، ذريعن موجب نڪاح نامي وقت شاگردياڻي کي ڇڏڻ جي صورت ۾ 25 لک، پنج تولا سون ۽ ڏاج لاءِ 3 لک رپيا ڏنڊ طئي ڪيو ويو، نڪاح بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.