ٺارو شاهه: مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل شاگردياڻي بسما ميمڻ چيو آهي ته هوءَ عمران راجپوت سان شادي تي تمام گهڻو خوش آهي، مٿس ڪو به دٻاءُ ناهي، سڀ ڪجهه سندس مرضي موجب ٿيو آهي، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنهنجي راز خوشي سان عمران راجپوت سان شادي ڪئي آهي، ڪنهن جو به ڪو دٻاءُ ناهي، هن چيو ته سندس شادي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته رخصتي 6 مهينن کانپوءِ ٿيندي، هن چيو ته نڪاح وقت سندس مرضي پڇي وئي هئي، جڏهن ته عمران کان به مرضي معلوم ڪئي وئي هئي، ڇا سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪندڙ سرمد ميمڻ سان به اوهان جا معاملا طئي ٿيا آهن واري سوال تي شاگردياڻي بسما ميمڻ چيو ته ان بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي.