ٺاروشاهه: عورتون ۽ مرد پاڪ ڪتاب کڻي انصاف لاءِ ٽائيم نيوز آفيس پھچي ويا

0
382

ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ وارڊ نمبر 8 جي رهواسين عورتن ۽ مردن جو پاڪ ڪتاب کڻي پ پ پ اڳواڻ جي ڏاڍاين خلاف انصاف لاءِ ٽائيم نيوز آفيس پنھچي ويا، خانزاده برادري ۽ سولنگي برادري جي عورتن ۽ مردن، مسمات بختاور، مسمات حوران سولنگي، مير محمد سولنگي، محمد علي خانزادا جي اڳواڻي ۾ قرآن پاڪ کڻي ٽائيم نيوز آفيس پھچي احتجاج ڪيو، متاثرن انصاف جو مطالبو ڪندي چيو ته پي پي اڳواڻ رحمت ا لله سولنگي اسان جي زرعي زمين تي ڏاڍ ڪري زبردستي قبضو ڪيو آھي، مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته پ پ اڳواڻ وڏيرو رحمت الله سولنگي جنهن اي سي ڀريا ۽ مختيار ڪار ڀريا ۽ تپيدارن سان ملي ڀڳت ڪري اسان جا کاتا تبديل ڪرائي زمين پنهنجي نالي تي ڪرائي آھي. هنن چيو ته 1980 جو ڪوڙو رڪاڊ ٺھرائڻ بعد هن اسان جي زمين تي هٿيار بند ويهاري اسان جي زمين تي قبضو ڪري ورتو، متاثرين نٽھڻ اس ۾ پاڪ ڪتاب کڻي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ حڪومت، ڊي سي نوشھروفيروز، ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته بااثر وڏيري ۽ پي پي اڳواڻ خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ڇڏرائي تحفظ ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.