ڪراچي ۾ ليز ڏيندڙن خلاف ايف آءِ ر داخل ڪرائينداسين: چيف جسٽس

0
221
ڪي پي ڪي جي اسپتالن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد گجر نالي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آھن تھ ڪراچي ۾ جيڪي ليز ڏيڻ ۾ ملوث آھن انھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين ۽ اھو پھريون قدم ھوندو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراھي ۾ گجر نالا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنھن سلسلي ۾ ايڊمنسريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد عدالت ۾ پيش ٿيو، ايڊمنسٽريٽر عدالت کي ٻڌايو تھ نالي تي حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آھي، عمارتون ڪيرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن ۽ فنڊز جو بھ مسئلو ٿيندو آھي، عمارتون ڪيرائڻ تي تمام گھڻو خرچ ٿي ويو آھي، ايڊمنسٽريٽر جي جواب ۾ چيف جسٽس چيو تھ جيڪي ھتي ليز ڏيڻ ۾ ملوث ھوندا انھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين ۽ اھو پھريون قدم ھوندو، اوھان جي مشينري سڙي رھي آھي، ٽرڪس بيٺل آھن، ملازمن انھن جا پرزا ڪڍي ڇڏيا آھن، ڪي ايم سي کي کوکلو ڪيو ويو آھي، پھريان ڪي ايم سي پنھنجو فنڊ پاڻ پيدا ڪني ھئي، ڪي ايم سي جي 80 سيڪڙو عملي کي فارغ ڪريو، ڪو بھ ڪم نھ پيو ٿئي صرف آفيس ۾ ويٺل رھن ٿا، ڪراچي ۾ آفت ايندي آھي تھ ڪو نظر ناھي ايندو.