يوم القدس تي اسرائيلي فوج جو مسجد الاقصيٰ تي حملو، 2 فلسطيني شهيد

0
560

يوم القدس تي مسجد الاقصي ۽ اوڀر يروشلم تي اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ 200 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ۽ ٻه شهيد ٿي ويا. پرڏيهي خابرو ايجنسي مطابق ، اسرائيلي فورسز جي تشدد سان 205 فلسطيني زخمي ٿي پيا ، جڏهن ته اوڀر ڪناري ۾ فوج جي فائرنگ سان 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا، آمريڪا مقبوضه بيت المقدس جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ، جڏهن ته گڏيل قومن ، يورپي يونين ، اردن ۽ خليج تعاون ڪائونسل فلسطينين جي امڪاني بي دخلي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. اسرائيل جي سپريم ڪورٽ سومر تي فلسطينين جي بي دخلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.