سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا 23 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو

0
552
سکر تعليمي بورڊ شاگردن لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو
سکر تعليمي بورڊ شاگردن لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشنز سينٽر (اين سي او سي) فيصلو ڪيو آهي ته 23 مئي تائين سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند رکيا ويندا. اين سي او سي پاران جاري ڪيل بيان موجب اين سي او سي جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪي تعليمي ادارا ڪورونا سبب 17 مئي تائين بند ڪيا ويا هئا، اهي هاڻي 23 مئي تائين بند رهندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته تعليمي ادارا کولڻ بابت جائزو وٺڻ وارو اجلاس 18 مئي تي منعقد ٿيندو. ياد رهي ته اڳ تعليمي ادارا عيد تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر ان هوندي به ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن.