وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ ۽ ڀرپاسي بدامني خلاف شھرين پاران اي پي سي گهرائي وئي، جنهن ۾ جسقم، جي يو آءِ، واپاري اتحاد، سجاڳ نوجوان اتحاد، درزي يونين، ٽيڪسي ڊرائيور اتحاد، ريڙھي يونين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن مختيار پنھور، قاري عثمان مغيري، ممتاز وڳڻ، غلام حسين مغيريوليءُ الله تنيو، سيد عمران شاھ، جي ايم وڳڻ، جاويد چانڊيو، اياز چانڊيو ۽ ٻين چيو ته وڳڻ شھر سميت آسپاس جي علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آھي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران شھرين سان بدتميزي ڪري رهي آهي، اي پي سي ۾ مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.