پيرونمل (ن پ ا) پيرونمل جي آسپاس جي علائقن وونئڻن جي آڳاٽي فصل مان ڦٽيون مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع آبادگارن پورهيت، هارين، مزدورن ۾ سرهائي خوشي جي لهر ڇانيل، سيٺ نندو مل جي پيڊي تان سانگهڙ ضلعي مان پهرين ڦٽين جي پهرين ٽرالي 257 مڻ ڦٽيون کڻي سانگهڙ جي شاندار ڪاٽن فيڪٽري تي رواني ٿي وئي. جڏهن ته اڄ ڦٽين جو في مڻ اگهه واپارين وٽ 6000 رپيا رهيو، هتان جي مختلف آبادگارن جو چوڻ آهي ته جڏهن هن سال ڦٽين جو ريٽ سراسر اهيو رهيو ته سٺو فائدو ٿيندو ۽ مارڪيٽ مان کنيل زرعي دوائون ڀاڻ جا قرض به لهي ويندا ۽ آبادگار هاري پورهيت طبقي کي فائدو ٿيندو.