نوشهرو فيروز (رپورٽر) وڏي وزير جي نوشهرو فيروز جي دوري دوران سخت عوامي رد عمل سبب ھتان جا چونڊيل ايم اين اي ذوالفقار بهڻ ۽ ايم پي اي ممتاز چانڊيو نه آيا، وڏو وزير ڦل شهر ۾ قائم ڪيل بيسڪ هيلٿ يونٽ پهتو ۽ ان جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته هڪ ڪئمپ ۾ پيرسن چيو ته اڳ سُڪا چانور ڏيندا هئا ۽ ڪو وقت ويلو نه ڏيندا هئا، اڄ گوشت ۽ ماني ڏني اٿن، شايد اهو گوشت مئل جانور جو هجي!