اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي مرڪزي حڪومت جو فڪر ڪرڻ گهرجي، ڪوبه سياستدان ڳالهين جا در بند نه ڪندو آهي، ڳالهين جا در بند نه ٿيندا ۽ پنهنجي حق لاءِ رستن جي سياست تان به هٿ نه کڻنداسين، پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي صدارت هيٺ ڪور ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ٻيهر نين چونڊن جو مطالبو ڪيو ويو، هن چيو ته ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رهيو آهي، موجوده حڪمران مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، مسئلن جو واحد حل چونڊون آهن، شيخ رشيد چيو ته 6 مهينن کان چئي رهيو آهيان ته 15 آڪٽوبر تائين اهم حالتون هونديون، آئون هاڪاري حالتون به ڏسي رهيو آهيان.