نوشهروفيروز/ٺارو شاهه (نمائندن وٽان) نوشهروفيروز ڀرسان قائم خيما بستي ۾ سهولتن جي کوٽ جون دانهون، سوشل ورڪر ۽ وڏي وزير وچ ۾ سخت جُملن جي ڏي وٺ، وڏو وزير ڪيمرا بند ڪرڻ جو چوندو رهيو پر سوشل ورڪر کيس ڪيمرا بند ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، خبر موجب نوشهرو فيروز باءِ پاس تي قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ وڏي وزير اڃا ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ته ھڪ سوشل ورڪر اصغر سنڌي صحافين جي وچ ۾ اچي ويو. هن وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته هتي چون ٿا 80 اربن رپين جا فنڊ آيا آھن، اهي ڪٿي آھن، هتي ڪنهن کي به ڪجهه نه مليو آھي، هن کيس چيو ته سي ايم صاحب هتي 11 ماڻهو مليريا ۾ مري ويا آھن اهو ڪيس ڪنهن تي داخل ٿيندو؟ سوشل ورڪر اصغر سنڌي دانهون ڪندي وڏي وزير کي چيو ته اسان کي راشن نه کپي، هتي ماڻهو مليريا ۾ پيا مرن، انهن جو ڪيس ڪنهن تي داخل ٿيندو، جنهن تي وڏي وزير کيس چيو ته دانهون ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، موبائل فون جي ڪيمرا بند ڪر ته توکي جواب ڏيان، جنهن تي نوجوان کيس چيو ته هو ڪيمرا بند نه ڪندو، ان دوران وڏي وزير ۽ سوشل ورڪر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي، بعد ۾ وڏو وزير مورو ٽينٽ سٽي جو دورو ملتوي ڪري سڪرنڊ روانو ٿي ويو، جڏهن ته ان موقعي تي وڏي وزير ميڊيا سان به نه ڳالهايو،