ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪراچي ۾ نالن تان حددخلين جي خاتمي بابت درخواست تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل سلمان طالب الدين پاران پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي سنڌ سرڪار کي گجر ۽ ارونگي نالي جي متاثرن جي بحالي وارو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، عدالت ڪورنگي، اورنگي ۽ محمود آباد نالن تي آپريشن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل سمورا اسٽي آرڊر به معطل ڪري ڇڏيا. ڪالهه ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اي جي سنڌ پاران پيش ڪيل موقف تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه کي طلب ڪيو، چيف جسٽس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته وزيراعليٰ صاحب! اوهان جا ادارا ڪم نه پيا ڪن ، اهو صرف ڪراچي جو نه پر سڄي سنڌ جو مسئلو آهي، آئون ڪالهه حيدرآباد مان ٿي آيو آهيان اتي به ڌوڙ مٽي کانسواءِ ڪجهه ناهي، پارڪن ۽ راندين جي ميدانن تي قبضا ٿي چڪا آهن، ڪراچي جي هڪ علائقي جو اهو حال آهي ته ڪراچي شهر سميت سموري سنڌ جي ڇا حالت هوندي؟ اسان ويجهڙ ۾ انڊونيشيا ويا هئاسين، ڪراچي کان وڏو شهر هجڻ باجود هر طرف ساوڪ هئي، ٻڌايو ته اوهان جو پلان ڇا آهي؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان جي ماتحت ادارن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ماسٽر پلان گهري رهيا آهيون پر اهو نه پيو ملي، گٽر نالن جي متاثرن کي متبادل رهائش ڏيڻ جو چيو هو پر سنڌ حڪومت هٿ مٿي ڪري ڇڏيا، ٻين ڪمن لاءِ پئسا اٿئو پر متاثرن لاءِ ناهن، چيف جسٽس چيو ته مون توهان جو بيان اخبار ۾ پڙهيو هو، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آئون 6 سالن کان وڏو وزير آهيان، ڪراچي شهر ۾ پيدا ٿيو آهيان، هن ئي شهر مان تعليم حاصل ڪئي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته هن شهر ۾ گذريل 70 سالن دوران جيڪي روڊ ۽ فٽ پاٿ ٺاهيا ويا هئا، اهي دڪان لاءِ الاٽ ڪيا ويا، اسان انهن کي هٽائي رهيا آهيون پر شهرين جي ڏکائين کي به آڏو رکڻو پوندو آهي، اسان کي حددخلين لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، هن سال ڪجهه بهتري آئي آهي، اوهان برساتن ۾ به ڏٺو هوندو، وڏي وزير مراد علي شاهه اعتراف ڪندي چيو ته سنڌ ۾ انتظامي مسئلا آهن، مون کي وقت ڏنو وڃي، آئون عدالت کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته وِل ( جّذبو) نظر نٿي اچي، وڏي وزير چيو اهو ٿورو غلط هوندو، وِل آهي سر، چيف جسٽس چيو ته ڪيترو وقت ڏيون؟ اوهان ٻڌايو ته شاهراه فيصل ٺهي ويو، يونيورسٽي روڊ ٺاهيو اٿئو؟ جسٽس اعجاز الحسن چيو ته شهر کي هلائڻ لاءِ ادارا هئڻ گهرجن، وڏي وزير جو ڪم پوري صوبي کي ڏسڻ آهي، حڪومت کي ڏسڻ گهرجي ته ادارا ڪم ڪري رهيا آهن يا نه؟ جنهن تي وڏي وزير چيو ته کوڙ شيون کُليل عدالت ۾ ٻڌائي نٿو سگهان، چيف جسٽس چيو ته وري ڪڏهن موقعو مليو ته ٻڌنداسين، هر مسئلي جو حل موجود آهي، توهان ڪجهه نه ڪري رهيا آهيو، وڏي وزير چيو ته ڪي ڊي اي بااختيار ادارو آهي، آئون انهن سان گڏ ويٺل آهيان، توهان صحيح چيو ته اسان جو ڪم نالا صاف ڪرڻ ناهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪا اگر مگر نه ، متاثرن جي بحالي جو ڪم ڪريو، جنهن تي وڏي وزير چيو ته وفاق طرفان پئسا نه پيا ملن، آئون ڪو سياسي بيان ڏيڻ نه ٿو چاهيان پر اهي سڀ حقيقتون آهن، جيڪي اوهان جي آڏو رکڻ چاهيان ٿو، وفاق سنڌ سان تعاون نه ڪري رهيو آهي، اسان وٽ انتظامي افرادي قوت جي کوٽ آهي، اسان وٽ گريڊ 21 جا 16 مان صرف 4 وفاقي آفيسر موجود آهن، اهڙي طرح 20 گريڊ جي 48 آفيسرن جي کوٽ آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب! سنڌ جو وڏو وزير چئي ٿو ته وفاق سهڪار نه پيو ڪري، وفاقي حڪومت کان هدايتون وٺي عدالت کي آگاهه ڪريو، چيف جسٽس گلزار احمد پنهنجن ريمارڪس ۾ چيو ته توهان وفاقي حڪومت وفاقي حڪومت ڪري رهيا آهيو، اُهي اچي ويهي رهندا ته توهان ڪيڏانهن ويندئو؟ جنهن تي وڏي وزير چيو ته آئون اِنهي تي ڪجهه به ڳالهائڻ نٿو چاهيان، منهنجو بيان سياسي ٿي ويندو، جسٽس قاضي امين اٽارني جنرل کي چيو ته سنڌ حڪومت کي جيڪي آفيسر گهرجن، کين ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته اهي ڪنهن جي سفارش جي انتظار ۾ ويٺا هوندا، ائين لڳي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت به مفلوج آهي، وڏيون تقريرون ڪندا هئا ته هيٺئين سطح تائين اختيار ڏينداسين، اهو سڀ ڪجهه ڪٿي آهي، ڪو ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي، چيف جسٽس چيو ته ماڻهن روڊن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن، انتظاميه خبر ناهي ڪٿي آهي؟ اسان سڀ ڪجهه قانون موجب ٿيندو ڏسڻ چاهيون ٿا، چيف جسٽس وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪي ڊي اي جو ڊي جي اوهان جي پويان بيٺل آهي، اهو اسٽي آرڊر تي هلي رهيو آهي. عدالت چيو ته ڪي ڊي اي جو ڊي جي 3 مهينا اڳ آيو هو، سندس بدلي ڪئي وئي آهي، اهو ڪهڙو ڪم ڪندو؟ ٻيا به ڪيترائي اهڙا آفيسر آهن، جن جون هڪ يا ٻن مهينن ۾ بدليون ڪيون وڃن ٿيون، جنهن تي وڏي وزير چيو ته آئون ڏسي ٿو وٺان، وڏي وزير چيو ته بحريه ٽائون جو پئسو سنڌ حڪومت کي ڏنو وڃي ان مان متاثرن جي بحالي ڪنداسين، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو پئسو سنڌ جي ماڻهن جو آهي، اوهان زمين بحريه وارن کي وڪڻي ڇڏي، حڪومت جيڪو چاهيو، وٺي ڇڏيو، اهو پئسو سنڌ جي ماڻهن جو آهي انهي رقم جو فيصلو عدالت ڪندي. عدالت گٽر نالن جي متاثرن جي بحالي وارو منصوبو ٻن سالن ۾مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير عدالت کي ٻڌايو ته نالي جي متاثرن لاءِ زمين ۽ هڪ ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ اڏيل ضياءُ الدين اسپتال پاران پارڪنگ لاءِ سرڪاري جاءِ تي قبضو ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر کي سمورن فلاحي پلاٽن کي خالي ڪرائي انهن کي اصل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران ضياءُ الدين اسپتال جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ضياءُ الدين اسپتال ڪنهن سرڪاري جاءِ تي قبضو ناهي ڪيو، ماڻهو روڊ تي پاڻمرادو پارڪنگ ڪندا آهن، جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته ايڏي وڏي اسپتال وٽ پنهنجي پارڪنگ ڇو ناهي؟، عدالت ڪي ڊي اي جي ڊي جي کان پڇيو ته توهان روڊ ڇو نه پيا ٺاهيو؟روڊ تي گهر ڪيئن ٺهي ويا آهن؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سموري علائقي جي حالت ابتر آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل 30 سالن کان شهر جي اها ئي حالت آهي، سمورو ڪراچي شهر گري اسٽرڪچر ( سيمنٽ جو شهر ) ٿي ويو آهي، چيف جسٽس ڪي ڊي اي جي ڊي جي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان آفيسن ۾ رڳو چانهه پيئڻ ايندا آهيو، توهان کي خبر آهي ته ڪراچي ميٽروپوليٽن شهر آهي، توهان ڪيترن ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن؟ جنهن تي ڪي ڊي اي جي ڊي جي چيو ته هتي آفيسرن جو جلدي جلدي بدليون ٿي وينديون آهن، منهنجي به بدلي ٿي وئي هئي، آئون هاءِ ڪورٽ مان اسٽي وٺي عهدي تي ويٺل آهيان، جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته توهان جي جاءِ تي ڪنهن کي ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي؟ ڪي ڊي اي جي ڊي جي وراڻيو ته منهنجي جاءِ تي محمد علي شاهه کي لڳايو ويو آهي، جنهن تي عدالت اي جي سنڌ کان پڇيو ته محمد علي شاهه ڪير آهي؟ جنهن تي اي جي سنڌ چيو ته آئون معلوم ڪريان ٿو، عدالت ڪي ڊي اي جي ڊي جي کان پڇيو ته شهر ۾ ڪيترا فلاحي پلاٽ آهن؟ اهڙن پلاٽن تي ڪٿي ڪلب هلي رهيو آهي ته ڪٿي شادي هال ٺهيل آهن، خالي پلاٽن تي وري گهر اڏيل آهن، جنهن تي سماجي ڪارڪن امبر علي ڀائي چيو ته اسان رپورٽ جمع ڪرائي آهي، ماسٽر پلان وارو شعبو اسان جي ڪا مدد نه پيو ڪري، شهر ۾ 1969ع واري ماسٽر پلان تحت ڪم ٿي رهيو آهي انهي جو به گزٽ نوٽيفڪيشن به نه پيو ڏنو وڃي، جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن اي جي سنڌ کان پڇيو ته ڇا ماسٽر پلان کاتو الڳ ٺهيل آهي، ان کي ڪير هلائي رهيو آهي؟ جنهن تي اي جي چيو ته ماسٽر پلان ڊپارٽمينٽ جو الڳ ڊائريڪٽر آهي، جنهن بعد عدالت ماسٽر پلان جي ڊائريڪٽر وقار ميمڻ کي طلب ڪري ورتو، هڪ موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته شهر ۾ ڊسٽ ( دز ) جو حال ڏسو، ڪي ڊي اي وارا صاحب! ڇا سهراب ڳوٺ به توهان جي نگراني ۾ اچي ٿو، اتي ڊمپر بيٺل آهن، اتي رڳو اسڪريپ پيل آهي، جنهن تي سماجي اڳواڻ چيو ته شهر کي جيڪڏهن بهتر ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهرين ڪي ڊي اي کي صحيح ڪرڻو پوندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪي ڊي اي جو پنهنجو ڊي جي اسٽي تي ويٺل آهي، هتي ڪير به ڊليور ڪرڻ ( ڪم ڪرڻ ) لاءِ تيار ناهي، 40 سالن کان اها حالت آهي، جيڪو ايندو آهي، مال ٺاهي ڪئناڊا لنڊن ۽ آمريڪا هليو ويندو آهي، چيف جسٽس ڪي ڊي اي جي ڊي جي کان پڇيو ته اوهان وٽ ڪراچي شهر جو ڪو نقشو آهي؟ جنهن تي ڊي جي چيو ته اسان وٽ پراڻو رڪارڊ آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان پراڻو رڪارڊ کڻي اچو ، اسان ان کي نئين رڪارڊ سان ڀيٽي وٺنداسين، ڪي ڊي اي جي ڊي جي چيو ته آئون ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو، شهر لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، مون پڇيو به هو ته منهنجي بدلي ڇو ڪئي پئي وڃي؟ ڇا وڏو وزير ناراض آهي؟ جنهن تي چيو ويو ته توهان کان سسٽم ناراض آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هتي سسٽم ڪئناڊا کان هلي رهيو آهي، ڪي ڊي اي جي ڊي جي چيو ته ڪجهه نظام هتان کان به هلندو آهي، جنهن چيف جسٽس چيو ته توهان ته اسٽي تي هلي رهيا آهيو، تڏهن اها آڪسيجن اٿئو، آڪسيجن ڪڍي ڇڏيندئو ته توهان جو ڇا ٿيندو؟