ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي شهر جي فلاحي پلاٽن ۽ ڪي ڊي اي جي زمينن تي قبضن بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته مسٽر ايڊمنسٽريٽر ! توهان ڪٺ پتلي آهيو. چيف جسٽس مرتضيٰ وهاب کي عدالتي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته 200فلاحي پلاٽن بابت رپورٽ جمع ڪرائي آهي، جنهن تي چيف جسٽس مرتضيٰ وهاب کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اسان کي ليڪچر نه ڏيو پر ڪم ڪريو، سمورن فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائي راندين جا ميدان بحال ڪرايو، مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي جا 42 پارڪ فعال آهن، اسانجا 9 هزار دڪان به آهن، آئون آمدني وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ان موقعي تي جسٽس اعجاز الحسن پڇيو ته فلاحي پلاٽن تي قبضا ڪنهن ڪرايا آهن؟ جنهن تي مرتضيٰ وهاب چيو ته گذريل حڪومتن اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي، عدالت چيو ته ناظم آباد فائيو ڊي پارڪ جي حالت ڏسو، ، ٻار ڪٿي راند ڪري رهيا آهن؟ جنهن تي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر چيو ته ڊي ايم سيز بابت ڪجهه چئي نٿو سگهان، ٻه اڍائي مهينن ۾ شهر لاءِ جيڪو ڪري سگهيس، اهو ڪيو آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اوهان اهو سمجهي رهيا آهيو ته ٽي وي تي ويهي ڳالهائي رهيا آهيو؟ جنهن تي مرتضيٰ وهاب چيو ته آئون صرف پنهنجو ڳالهائڻ جو حق استعمال ڪري رهيو آهيان. مرتضيٰ وهاب جي اهڙي رويي تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان اسان جي اجازت کانپوءِ ئي ڳالهائيندا، هلو هاڻي وڃو، ان موقعي تي ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مون سڀ ڪجهه نوٽ ڪري ورتو آهي، رپورٽ جمع ڪرائينداسين، جنهن تي جسٽس قاضي امين چيو ته حددخليون ڪندڙن کي نوٽيس ڏئي انهن کان جايون خالي ڇو نه ٿا ڪرايو؟ چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شهر جي 90 سيڪڙو حصي تي قبضو ٿي چڪو آهي، اينٽي انڪروچمينٽ جون 3 عدالتون خالي پيل آهن، انهن وٽ ڪو ڪم ناهي، چيف جسٽس چيو ته اسان پي اي سي ايڇ ايس ۾ ڏٺو آهي ته 300، 400 والن جا گهر ڊاهي اتي چار چار ماڙ عمارتون ٺاهيون ويون آهن،