ميسوري ۾ واردات ڪري حليو بدلائيندڙ ڏوهاري سوگھو

0
237

ميسوري(انٽرسٽنگ نيوز) ميسوري ۾ خوفناڪ چهري وارو عادي ڏوهاري گرفتار ڪيو ويآهي. عالمي ميڊيا موجب پنهنجي چهري تي ٽيٽو ٺهرائي مختلف ڊزائن ٺهرائيندڙ نديا جو خوفناڪ ترين جوابدار 46 ورهين جي ڪيمپ بيل نالي همراهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ميسوري سان تعلق رکندڙ مائيڪل ڪيپم بيل کي ٻيو ڀيرو گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن تي 88 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن. جوابدار چهري تي مختلف ڊزائن جا نقش چٽرائي انهن ۾ ڪاري دوا ڀري ڇڏيندو آهي، جنهن جي ڪري ان جو چهرو نهايت ڀوائتو ٿي وڃي ٿو.

پوليس موجب جوابدار هر واردات کانپوءِ پنهنجو حليو تبديل ڪري ڇڏيندو هو، هن ڀيري هن واردات کانپوءِ مٿي جا وار ڪوڙائي ڇڏيا هئا.  پوليس ٻڌايو ته جوابدار کي هن ڀيري زيادتي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ان تي ڏوهه ثابت ٿي ويو ته کيس عمر قيد جي سزا ملي سگھي ٿي. 2020ع ۾ عدالت مائيڪل کي عوامي ماڳن تي ڀڃ ڊاهه ۽ امن م خلل وجھن جي الزام ۾ 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي هئي.