احمدپور (ن پ ا) وڏا مھيسر پوليس پاران ناري سيما مھيسر اغوا ڪيس جي جاچ ۾ گرفتار عامر چنو ھٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو ، پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. ايس ايچ او وڏا مهيسر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عامر چنو کي گرفتار ئي ناهي ڪيو، فرار ڪيئن ٿيندو؟، اهڙين خبرن ۾ صداقت ناهي. ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته سيما مھيسر اغوا ڪيس ۾ جاچ جي حوالي سان وڏا مھيسر پوليس5 ڏينھن اڳ عامر چنو کي گرفتار ڪيو هو، جيڪو وڏا مھيسر ٿاڻي تان ھٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو آھي. ياد رھي ته سيما مھيسر جي اغوا جو ڪيس اظهار مهيسر، پيربخش مهيسر، عبدالسميع ۽ مجاهد مهيسر تي داخل ٿيل آهي.