وڌيڪ پاڻي پيئو دل جي دوري کان بچو: نئين تحقيق

0
312
وڌيڪ پاڻي پيئو

ڪراچي (دلچسپ نيوز) پاڻي انسان جي صحت ۽ جسم لاءِ گھڻو ضروري آهي جڏهن ته انساني جسم 70 سيڪڙو پاڻي تي ٻڌل آهي. روزانو 8 گلاس پاڻي پيئڻ جو وهم سڄي دنيا ۾ موجود آهي، ڪيتري ئي عرصي کان اهو خيال ماڻهن جي ذهنن ۾ ويٺل آهي،  ان معيار کي ڏسون ته اسان پاڻي جي کوٽ جا سخت متاثر آهيون. ماهرن موجب مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان دل جي مرضن کان بچي سگھجي ٿو. هنن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي پاڻي جواستعمال گھٽ ڪندا آهن انهن جي رت ۾ سوڊيم وڌي ويندو آهي. هر شخص کي ان پاسي ڌياڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته هو روزانو ڪيترو پاڻي پيئندو آهي. جيڪڏهن مقدار گھٽ آهي ته ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.