لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد اليڪشن ڪميشن واري معاملي تي چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو. چيف جسٽس جي نالي لکيل خط ۾ ياسمين راشد چيو ته ننڍي چونڊ ۾ تاريخي ڌانڌلي ٿي، هن دفعي دٻن ۾ جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا ۽ ننڍي چونڊ ۾ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو دفن ٿي ويو. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اٺ فيبروري تي کين اندازو نه هيو ته ماڻهو عمران خان کي ووٽ ڏيڻ لاءِ لکن جي انگ ۾ نڪرندا، ايڏي ظلم باوجود ماڻهو نڪتا ۽ تحريڪ انصاف کي ڪامياب ڪرايو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ن ليگ کي مجبورن پنهنجي ساٿين گڏ فارم 47 جو سهارو وٺي حڪومت ٺاهڻي پئي، عوام سان ڪيترو ظلم ڪندا، اليڪشن ڪميشن ٻانهي بڻيل آهي، پاڪستان ۾ عزت اٿن نه ٻاهرين ملڪ ۾ .
ياسمين راشد پنهنجي خط ۾ چيف جسٽس کان ان معاملن جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.