اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) چيئرمين پي اي سي جي معاملي تي: پي ٽي آءِ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، شير افضل مروت پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي لاءِ پنهنجي ئي پارٽي جي ماڻهن تي باني پي ٽي آءِ تي متبادل نالي لاءِ زور ڏيڻ جو الزام لڳايو آهي، شير افضل مروت پي اي سي چيئرمين جو اميدوار آهي، شير افضل مروت چيو ته پارٽي اڳواڻ باني پي ٽي آءِ کان متبادل نالو گهري رهيا آهن، بيرسٽر گوهر خان چيو ته شير افضل مروت کي چئي ڇڏيو آهي ته اڳتي اهڙيون نه ڪندو، پارٽي جي اندروني معاملن تي پارٽي ۾ ئي بحث ٿيندو، اسان ڪنگز پارٽي ناهيون نه ئي ڊڪٽيٽرشپ آهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته باني پي ٽي آءِ پاران شير افضل کي چيئرمين پي اي سي بڻايو ويو آهي، هر هنڌ چيو آهي ته شير افضل کي ئي پي اي سي چيئرمين هجڻ گهرجي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسا انڪشاف ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف حامد خان کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت شير افضل کي رکڻ تي تيار نه هئي، حامد خان کي وڪيل سياست جو تجربو آهي پر  شير افضل کي سائيڊ لائن ناهي ڪيو، هوڏانهن اسپيڪر قومي اسيمبلي پاران پي اي سي چيئرمين لاءِ وزيرن ۽ اتحادين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي، اسپيڪر چيو ته ڪوشش آهي ته چيئرمين پي اي سي جو عهدو اپوزيشن کي ڏيڻ جي روايت برقرار رهي، معاملن ٻن ڏينهن ۾ حل ڪيو ويندو.